اڌي سنگهه جهونجهار

اُُُُُُُڌي سنگهه جهونجهار: ڪارونجهر ۾ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هي ڪردار روپلي ڪولهيءُ سان گڏ وڙهيو هو. روپلو اڪيلو جهونجهار نه هو، جنهن انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو. روپلي کان سواءِ انگريزن سان ساڪريءَ جو ورڻ ذات جو مهاسنگهه ٺاڪر ، کارسر جو راجو چوهاڻ ٺاڪر ، ويرا واهه جو ٺَڪر اُڌي سنگهه ۽ ڪلياڻ سنگهه به وڙهيو. لاڌوجي، ڪاپڙي خان، راڻو ڪرم سنگهه جيل ۾ پيا، جن کي اُدي سنگهه جيل ڀڃي ڪڍيو.
ان واقعي مهل تروٽ نگر پارڪر ۾ لاڌو سنگهه مينگهواڙ جي گهر ۾ لڪي ويو هو، سندس فوج ان مهل واڌڙائيءَ ۾ هئي. پوءِ تروٽ هتان رات جو ڀڄي ويو ۽ واڌڙائيءَ مان وڃي فوج آندائين.
اُڌي سنگهه ان وقت تائين وڙهندو رهيو، جيستائين مارجي نه ويو، ان کانپوءِ تروٽ ننگر پارڪر تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. وڏو سوڀ ڪولهي مارجي ويو، ليمبو به مارجي ويو، ٻيا ڪيئي مارجي ويا پر سڀ کان بهادريءَ سان روپو وڙهيو، جيڪو انگريزن جي پهري هوندي به قلعو ٽپي، تهه خاني مان بارود ڪڍڻ آيو ۽ جهلجي پوڻ کان پوءِ سچي نه ڪيائين. روپلي ۽ سندس ساٿين کي جهونجهار (سورهيه سپوت) ڪري چيو وڃي ٿو. ”جهونجهار“ ٿر ۾ اهڙي سورهيه کي چئبو آهي، جيڪومرڻ کان پوءِ به ويڙهه جاري رکي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو